رميش چوڌري

رميش چوڌري: مشهور سنڌي اداڪار رميش چوڌريءَ جو جنم، پهرين فيبروري 1951ع تي ممبئيءَ ۾ ٿيو. تعليم انٽر اٿس. هي ناٽڪ منڊلين جو مشهور مزاحيا اداڪار، ليکڪ ۽ اسٽيج ڪنٽرولر آهي. سندس مشهور ناٽڪن ۾ ’مان ويرُو نه آهيان‘، ’ناتو‘، ’سيتا مير‘، ’حياتي‘، ’انتيا نگري‘، ’پوليس اسٽيشن‘ قابل ذڪر آهن.
رميش چوڌريءَ 50 کان وڌيڪ ناٽڪن ۾ ڪم ڪيو آهي. کيس ڪيترن ئي ناٽڪن ۾ بهترين اداڪاريءَ تي ڪيترائي روڪ انعام، اوارڊ، سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو